ٻارڻ (ديهه)

ٻارڻ: ضلعي ۽ تعلقي نوشهري فيروز ۾ هڪ ديهه به آهي، جنهن ۾ مکيه ٽي ڳوٺ آهن: ’ٻارڻ‘،’آڀي پَٽ‘ ۽ ’نئين ديهه جو پَٽ‘. هي پٽ وارياسا آهن، پر هاڻي زمين آباد ٿيندي پئي وڃي. هن ديهه ۾ راڄپر، خاصخيلي، بروهي، ماڇي ۽ دائيداڻا آباد آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو